عبدالڪريم جوکيو ۽ يوسف بلوچ جا ملير جي مختلف علائقن جا دورا، پ پ جي حق ۾ نعريبازي

ملير (ويب ڊيسڪ) ملير جي قومي اسيمبلي تڪ اين اي 229 ۾ پ پ جي نامزد اميدوار ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ صوبائي تڪ پي ايس 84 جي اميدوار محمد يوسف مرتضيٰ بلوچ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ يوسي درساڻو ڇنو/ڪونڪر جو دورو ڪيو.
پ پ اميدوارن مختلف ڳوٺن هاشم جوکيو، جيوڻ خاصخيلي، شيخ رمضان جوڳي، عبدالرحمان جوکيو، نودو جوکيو، ذڪريا جوکيو ڳوٺ، يار محمد بلوچ، حمل بلوچ، خميسو جوکيو، خلجي ڳوٺ سميت مختلف ڳوٺن جا دورا ڪيا.
ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ محمد يوسف مرتضيٰ بلوچ خطاب ڪندي چيو ته 8 فيبروري تي تير کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو.
دوري جي موقعي تي عوام طرفان پ پ جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي ۽ اميدوارن کي ڀرپور موٽ ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.