ڪچي جي ٻارڙن جي هٿن ۾ هٿيار نه پر قلم ۽ ڪتاب ڏسڻ چاهيون ٿا: محمد بخش خان مهر

گھوٽڪي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سردار محمد بخش خان مهر چيو آهي ته ڪچي ۾ امن جي مڪمل بحالي چاهيون ٿا ڪچي جي ٻارڙن جي هٿن ۾ هٿيار نه پر قلم ۽ ڪتاب ڏسڻ چاهيون ٿا.
يوسي باگوڊهو ۾ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي سردار محمد بخش خان مهر چيو ته مهانگائي جي دور ۾ عام ماڻهو پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ پريشان آهي، 8 فيبروري تي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي عوام کي تعليم، صحت، روزگار ۽ ٻين شعبن ۾ سهولتون ڏيڻ لاءِ پيپلزپارٽي پنهنجو گڏيل پلان جوڙيو آهي.
هن چيو ته نوجوانن جو مقبول ليڊر بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو اڪثريتي راءِ سان چونڊيل وزيراعظم بڻجڻ وڃي رهيو آهي، رڳو پ پ ئي ملڪ کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍي سگھي ٿي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪچي ۾ امن جي مڪمل بحالي چاهيون ٿا، اسان ڪچي واسين جي ٻارڙن جي هٿن ۾ هٿيار نه پر قلم ۽ ڪتاب ڏسڻ جا خواهشمند آهيون، ڪچي جي عوام جي سهولتن لاءِ مڪمل پلان جوڙيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.