ڪارن انگورن جا صحت لاءِ اڻ ڳڻيا فائدا

گول گول موتين جهڙا ڪارا انگور ڏسڻ ۾ جيترا خوبصورت لڳندا آهن انهن جو ذائقو به اوترو ئي مزو ڏيندو آهي.
قدرت انهن انگورن ۾ اڻ ڳڻيا فائدا لڪائي رکيا آهن جن کان متان سڀ ماڻهو واقف نه هجن.
ڪارا انگور گرمين کان وٺي خزان جي موسم تائين ملندا آهن ذائقي مان مزو ۽ صحت لاءِ فائدو وٺي سگھجي ٿو.
اينٽي آڪسيڊنٽ سان ڀرپور
ڪارا انگور اينٽي آڪسيڊنٽ سان ڀرپور هوندا آهن جيڪي جسم جي سيلز کي ٽٽڻ کان بچائيندا آهن، کَلَ جي خوبصورتي وڌائڻ ۾ اينٽي آڪسائيڊنٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن.
دل جي صحت
ڪارا انگور اوهان جي دل کي به صحتمند بڻائيندا آهن، اهي دل جي شريانين ۾ سڻڀ ڄمن کان بچائيندا آهن جنهن سان دل کي ڪم ڪرڻ ۾ ڪا رنڊڪ ناهي ٿيندي ۽ دل صحتمند رهندي آهي.
منرل سان ڀرپور
ڪارن انگورن کي قدرت منرل سان ڀرپور رکيو آهي اهي ڪمزور هڏن لاءِ بهترين آهن.
دماغي صحت لاءِ بهترين
ڪارا انگور دماغي صحت جو به خيال رکندا آهن انهن جي استعمال سان ذهني دٻاءَ گھٽجي ويندو آهي ۽ موڊ به خوشگوار ٿيندو آهي.
ان کانسواءِ ڪارا انگور اکين جي روشني کي به تيز ڪندا آهن.
شگر کي ڪنٽرول ڪن ٿا
ڇا اوهان کي خبر آهي ته ذائقي ۾ مٺا ڪارا انگور شگر جي مرض کي به ڪنٽرول ڪندا آهن.
جيڪڏهن ڪارن انگورن جو استعمال مناسب حد تائين ڪيو وڃي ته اهي جسم ۾ انسولين جي سطح کي وڌائيندا آهن جنهن سان شگر کي ڪنٽرول ڪري سگھجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.