ٽنڊو الهيار (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ پولنگ اسٽيشنز ۾ اهڙن استادن جون به ڊيوٽيون لڳائي ڇڏيون، جيڪي هن دنيا ۾ ئي موجود ناهن.
سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن جون تياريون عروج تي آهن، ڪٿي بيلٽ پيپرن جي پرنٽنگ جو ڪم جاري آهي ته ڪٿي چونڊ عملي جون مقرريون ڪيون پيون وڃن.
پر اليڪشن ڪميشن ٽنڊي الهيار ۾ لاڏاڻو ڪري ويندڙ استادن جون به ڊيوٽيون لڳائي ڇڏيون.
ٽنڊي الهيار ۾ هڪ پرائمري ٽيچر جو لاڏاڻو 9 آگسٽ ۽ ٻئي جو 8 جنوري تي ٿيو پر اسڪول انتظاميا موجب ٻنهي جون اليڪشن ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن.
انتظاميا چيو اسان اليڪشن ڪميشن کي خط به لکيو هو ته ٻئي استاد لاڏاڻو ڪري ويا آهن.
Prev Post
You might also like