چونڊن ۾ عمران خان سميت سڀني اميدوارن کي برابر ميڊيا ڪوريج ڏيڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ چونڊن دوران عمران خان سميت سڀني اميدوارن کي برابر ميڊيا ڪوريج ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
هاءِ ڪورٽ پنهنجي لکت فيصلي ۾ چيو ته آئين جو آرٽيڪل 17 هر شهري کي اظهار جي آزادي سميت ٻيا حق فراهم ڪرڻ جو پابند ڪري ٿو، عام چونڊن لاءِ چونڊ مهم ۽ پنهنجو منشور ٻڌائڻ جي مشهوري بنيادي حق آهي، صاف شفاف چونڊن لاءِ آزاد ميڊيا ذريعي اظهار جي آزادي هجڻ گهرجي، ان کانسواءِ چونڊن کي صاف شفاف نٿو چئي سگهجي.
عدالت چونڊن ۾ پي ٽي آءِ باني سميت سڀني اميدوارن کي برابر ميڊيا ڪوريج ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو، لکت فيصلي ۾ هاءِ ڪورٽ نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو ڪيسن جي فيصلن جو حوالو به ڏنو.
واضح رهي ته عمران خان ٽي وي چئنلن تي ڪوريج نه ملڻ تي هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.