ايف آءِ ايڇ 5 سائيڊ هاڪي ورلڊ ڪپ، پاڪستان، سوئيٽرز لينڊ کي هارائي چئلينجرز ٽرافي حاصل ڪري ورتي

مسقط (ويب ڊيسڪ ) ايف آءِ ايڇ فائيو سائيڊ هاڪي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان، سويئٽزر لينڊ کي هڪ جي مقابلي 10 گولن تان هارائي ايونٽ ۾ نائين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.
عمان جي شهر مسقط ۾ جاري ايف آءِ ايڇ فائيو سائيڊ عالمي هاڪي ڪپ ۾ پاڪستان ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام ٿي ويو هو.
ايونٽ ۾ نائين پوزيشن جي ميچ ۾ پاڪستان سوئيٽرز لينڊ تي گولن جي برسات ڪري ڇڏي ۽ ميچ ۾ هڪ جي مقابلي ۾ ڏهن گولن تان ڪاميابي حاصل ڪئي.
پاڪستان طرفان ذڪريا حيات هيٽ ٽرڪ ڪئي، رانا وحيد، حنان شاهد ۽ ارشد لياقت ٻه، ٻه ٻه گول ڪيا، رانا وحيد ايونٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 23 گول ڪيا.
نائين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي پاڪستان کي ايف آءِ ايڇ طرفان چئلينجرز ٽرافي ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.