اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو، اٿارٽي بجلي جي اگهه ۾ 5.62 رپيا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني آهي.
اگهه ۾ واڌ جي درخواست تي ٻڌڻي نيپرا چيئرمين وسيم مختار جي سربراهي ۾ ٿي، جنهن ۾ ڊسمبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ تي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ بجلي 5.62 رپيا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي شروعاتي منظوري ڏني وئي.
اگهن ۾ تازي واڌ سان واهپيدارن تي 49 ارب رپين جو واڌو بار پوندو، نيپرا موجب انگن اکرن جو جائزو وٺي تفصيلي فيصلو پوءِ جاري ڪيو ويندو.
You might also like