اڳوڻو پي ٽي آءِ اڳواڻ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل

باجوڙ ( ويب ڊيسڪ ) ڪي پي ڪي جي ضلعي باجوڙ جي تڪ اين اي 8 ۾ آزاد اميدوار ريحان زيب کي قتل ڪيو ويو آهي.
ريحان زيب تي اربع جي ڏينهن صديق آباد ڦاٽڪ بازار ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪئي،کيس اسپتال نيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
واضح رهي ته ريحان زيب ماضيءَ ۾ پي ٽي آءِ جو حصو رهيو، اليڪشن 2024ع ۾ پارٽي ٽڪيٽ نه ملڻ تان هن آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.