پنهنجي زمين تي حملي جو ڀرپور جواب ڏينداسين: ايران آمريڪا کي خبردار ڪري ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪا کي پنهنجي زمين تي ڪنهن به حملي جي صورت ۾ فوري ۽ ڀرپور جواب کان خبردار ڪري ڇڏيو.
گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير امير سعيد ايراواني خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جي زمين تي ڪنهن به قسم جو حملو ٿيو ته ايران ان جو مناسب انداز ۾ جواب ڏيندو ڇو اهو اسان جي قوم ۽ سرحدن جي مفاد ۾ آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايران سفير جو بيان ڪجهه ڏينهن اڳ ڏنل آمريڪي صدر جي بيان جي جواب ۾ سامهون آيو آهي جنهن ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن اعلان ڪيو هو ته آمريڪا فيصلو ڪري ورتو آهي ته هو اردن ۾ حملي جو جواب ڪيئن ڏيندو.
آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته اردن ۾ ڊرون حملو ڪندڙ عراقي گروهه ايراني حمايت يافتا آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب شامل ڪيل اسرائيلي حملن ۾ هيل تائين ايران پاسداران انقلاب جا ڪيترائي اهلڪار مارجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.