پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن،” پوليس ميمبرن کي پارٽي آفيس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو“

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته سندس جماعت طرفان انٽرا پارٽي اليڪشن جي سلسلي ۾ چئني صوبن ۾ ميمبرن اجلاس لاءِ طلب ڪيو ويو آهي پر پوليس ميمبرن کي ٻن شهرن ۾ آفيس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ اڪيس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اسلام آباد ۽ ڪوئيٽا ۾ سندن پارٽي جي آفيسز کي پوليس پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ ميمبرن کي آفيس ۾ اچڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي.


عمر ايوب پوليس طرفان پارٽي اڳواڻن کي انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ روڪڻ جي مذمت ڪندي ان سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو.
هن اِهو به چيو ته اليڪشن ڪميشن عوامي نيشنل پارٽي کي ڏنڊ ادا ڪرڻ تي چونڊ نشان ڏئي ڇڏيو جڏهن ته انهن پاران انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرائي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.