ڪراچي (رپورٽر) جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ ف ٽن تڪن تي اميدوارن کي هڪٻئي جي حق ۾ هٿ کڻائي ڇڏيا، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم سان جمعيت علماءِ اسلام ف جي اطلاعات سيڪريٽري محمد اسلم غوري جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي،جي يو آءِ جي وفد ۾ مولانا سيد حماد الله شاھ،سيد اڪبر شاھ ھاشمي ۽ ٻيا شامل هئا، ملاقات ۾ پ پ مخالف اتحاد کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاء جي ڊي اي ڪراچي ۾ پنھنجي اميدوار پي ايس 97 تان سيد عزير علي کي جي يو آء ف جي اميدوار محمد اسلم غوري جي حق ۾ ھٿ کڻائڻ جو اعلان ڪيو،جڏھن ته جمعيت علماءِ اسلام ف جي ڊي اي جي اميدوار پي ايس 49 عمرڪوٽ خضر حيات منڱريو ۽ پي ايس 50 عمر ڪوٽ غلام النبي منڱريو جي حق ۾ پنھنجن اميدوارن کي ھٿ کڻائڻ جو اعلان ڪيو.
اسٽيم سيل ٿراپي تصديق ٿيل علاج ناهي: ڊاڪٽر سعد خالد نياز
ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي صحت ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٻهراڙين جي ترقي جي نگران وزير سعد خالد نياز چيو آهي ته اسٽيم سيل ٿراپي هڪ تصديق ٿيل ۽ منظور ٿيل علاج نه آهي ۽ ان علاج بابت صحيح هجڻ جو جو هن وقت تائين ڪوبه سائنسي ثبوت موجود نه آهي، جنهن ري ان ۾ بيڪٽريل انفيڪشن، ڪاري ڪامڻ، ايڇ آئي وي، ڪينسر ٿيڻ جا امڪان موجود آهن. هن اها ڳالهه ڪالهه اڱاري تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي،صوبائي وزير چيو ته پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ منظور نه ٿيل ۽ صرف ڪلينيڪل تجربن طور استعمال ٿيندڙ اسٽيم سيل ٿراپي مرڪز گذريل ڪجهه سالن کان وارن جي ڪرڻ، ڊيمينشا ( ويسر جي بيماري )، مسڪل ڊسٽرو فيز، سنڍ ٿيڻ، آٽزم ۽ ٻين بي شمار مرضن جي لاءِ اسٽيم سيل ٿراپي ڪرائڻ جي پيشڪش ڪئي وڃي ٿي، جتي مريضن کان ان سلسلي ۾ ڳري رقم طلب ڪئي وڃي ٿي. ان موقعي تي پروفيسر سلمان عابد، نتاشا ۽ صحت کاتي سان لاڳاپيل ٻيا عملدار به موجود هئا.