ڪراچي ( رپورٽر ) ڪارونجهر سجاڳ فورم پاران ڪالهه اڱاري ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران فورم جي اڳواڻن الهرکيو کوسو، مصطفيٰ دل، رميش ڪارونجهري، ايڊووڪيٽ وسند ٿري، دليپ ڪمار، سنڌ انڊيجينيس الائنس جي اڳواڻ حفيظ بلوچ، وڪيلن مرتضيٰ کھڙو، وسنڌ ٿري، ڪاظم مھيسر، سينئر صحافي سھيل سانگي جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ ليز تي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي ڪارونجهر جي تحفظ لاءِ آيل فيصلي تي عمل ڪرائي ڪارونجهر کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪرائي نيشنل پارڪ جو درجو ڏي، نه ته ٻي صورت ۾ احتجاجي مظاھرا ۽ ڌرڻا ھڻڻ سان گڏوگڏ عدالت ۾ عدالتي فيصلي جي ڀڃڪڙي جي درخواست داخل ڪئي ويندي. هنن چيو ته سنڌ جو معدنيات واري نگران وزير خدا بخش مري ڪورٽن جي منع نامي ۽ عوامي احتجاج جي باوجود ڪارونجهر کي وڪرو ڪرڻ ۽ ڪٽائيءِ ڪرڻ ۽ مقامي ماڻهن کان زبردستي بيان ڏيارڻ لاءِ دٻاءَ وجهڻ واري عمل خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي، هنن چيو ته سنڌ جي معدنيات وارو صوبائي وزير اختيار نه ھئڻ باوجود زبردستي ڪارونجهر کي نيلام ڪرڻ چاھي ٿو ، ڪارونجهر عالمي قانوني تحت رامسر سائيٽ آھي جنهن ۾ پاڪستان جي صحي ٿيل آھي،