رائيونڊ وارن کي عوام جو احساس ناهي، عوام تير سان شينهن جو شڪار ڪري: بلاول

ڊي آءِ خان (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مان توهان لاءِ شينهن جي شڪار جو بندوبست ڪندس.  ڊي آءِ خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو عوام تيرن جي برسات ڪري ته شينهن جو شڪار ٿي ويندو، مان ڄاڻان ٿو ته پاڻ ۾ ويڙهه ٿيندي آهي، پير به ڪڍيا ويندا آهن پر مان وزيراعظم بڻيس ته سمجهيو توهان وزيراعظم بڻجي ويا. هن چيو ته عوام ملڪ لاءِ سوچي، ڇا توهان چاهيو ٿا ته چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جي خواهش رکندڙ شخص جي سازش ڪامياب ٿئي؟ مان توهان لاءِ شينهن جي شڪار جو بندوبست ڪندس. سندس چوڻ هو ته توهان جي ٽيڪس جا 1500 ارب رپيا جيڪي اميرن، اشرافيا ڏانهن ويندا آهن، اهي عوام کي منتقل ڪندس، جيئن توهان قائد عوام ۽ بينظير ڀٽو جو ساٿ ڏنو، ائين ئي منهنجو ساٿ ڏيو، مان ملڪ جي قسمت تبديل ڪندس. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 8 فيبروري اهم ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن فيصلو ٿيندو ته ايندڙ 5 سال ڪيئن گذارڻا آهن، نفرت ۽ ورهاست جي سياست چاهيو ٿا ته ڀلي ڪنهن کي به ووٽ ڏيو.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پ پ کانسواءِ ٻيون پارٽيون اشرافيه جي نمائندگي ڪن ٿيون پر پيپلز پارٽي ٽن نسلن کان عوام جي نمائندگي ڪري رهي آهي ۽ عوام سان گڏ بيٺي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام وٽ اهڙو نظريو ۽ منشور هجڻ گهرجي جنهن سان سندن تڪليفون گهٽجي وڃن پر رائيونڊ جي عوام سميت ڪنهن کي به پاڪستاني عوام جي مسئلن جو احساس ناهي. هن چيو ته قربانيون ڏئي دهشتگردن کي شڪست ڏني پر شڪست کائيندڙ دهشتگرد ٻيهر سر بلند ڪري رهيا آهن پر دهشتگردن کي هڪ ڀيرو ئي دٻائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.