سامارو ۾ عوامي تحريڪ جي ريلي، سنڌو درياءَ تي ڌاڙا برداشت نه ڪنداسين: لال جروار

سامارو/ حيدرآباد (رپورٽ: ڪيول سورماڻي/ پ ر) سنڌ جون زمينون ۽ درياهه بچايو، عوامي تحريڪ کٽرايو، سامارو ۾ عوامي تحريڪ جي شاندار ريلي، ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار،  مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، پي ايس 49 تان عوامي تحريڪ جي نامزد اميدوار هريش مالهي، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري، نول راءِ، راڻو ڪنڊاڻي، ڊاڪٽر هيرالال مالهي، پريم مالهي ۽ ٻين ڪئي، ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ صدر لال جروار چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ سنڌ جي آبادگارن جو پاڻي بند ڪيو ويندو، زرعي انقلاب جي نالي تي سنڌ مٿان قبضو ڪيو پيو وڃي، نگران سرڪار سنڌو درياهه تي ڌاڙا هڻي، ملڪي سالميت تي حملو ڪيو آهي، سنڌ کي ديوار سان لڳائڻ قائد اعظم جي پاڪستان تي حملي برابر آهي، نگران سرڪار جون ون يونٽ واريون پاليسون جمهوريت تي وار آهن، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي سمري، آئين تي معطل ڪرڻ برابر آهي، عوام دشمن آرڊيننس جي فيڪٽري هلڻ نه ڏبي،  ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي چيو ته نگران سرڪار سنڌ تي حملا ڪري، اليڪشن تڪراري بڻائڻ چاهي ٿي، ملڪ ۾ آئين معطل آهي، آئين تي عمل ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ پنهنجو آئيني ڪردار نڀائي، پي ايس 49 تان عوامي تحريڪ جي نامزد اميدوار هريش مالهي چيو ته حڪمرانن جي ڪرپشن سبب، عمر ڪوٽ ۾ غربت چوٽ چڙهيل آهي، هن عوام سان واعدو ڪندي چيو ته جيڪڏھن اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيس ته ڪرپشن ڪندڙن کي ڦاسي يا گهٽ عمر قيد جي سزا ڏيارڻ لاءِ قانونسازي ڪبي، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته هارين ۽ پورهيتن جي مفادن جو تحفظ فقط عوامي تحريڪ وٽ ئي آهي. اليڪش ۾ عوامي تحريڪ کانسواءِ ڪنهن وٽ به عوامي ايجنڊا ڪونهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.