مناظري جي دعوت ڏيندڙ پنجاب جي ترقي ڏسي: شهبازشريف

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ نواز جي صدر شهبازشريف چيو آهي ته اسان کي موقعو ڏيو ته ڪراچي جي هر گهر ۾ نلڪي ۾ پاڻي ايندو، لاهور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته مناظري جي دعوت ڏيندڙ  پنجاب جي ترقي ۽ خوشحالي ڏسي وٺن، ڪراچي ۾ ٽئنڪرن مان پيئڻ لاءِ پاڻي ملي ٿو ۽ لاهور ۾ ٽئنڪر جي پاڻي سان روڊن کي صاف ڪيو ويندو آهي، پي ڊي ايم دور ۾ ڪرپشن گهٽ ٿي

افغان شهري جي شهريت بابت ڪيس، وفاقي سرڪار ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ پاڪستاني عورت سان شادي ڪندڙن افغاني شهري مرد کي شهريت ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پاڪستاني  شهري عورت زرتاج گل افغانستان جي شهري گل زمان سان شادي ڪئي، پاڪستاني عملدارن افغاني شهري کي شهريت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اهڙو ڪهڙو قانون نه آهي، قانون موجب اگر مرد عورت سان شادي ڪندو آهي ته عورت کي شهريت ملي ويندي آهي پر مرد کي شهريت نٿي ملي سگهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وفاقي حڪومت سميت لاڳاپيل ادارن کان جواب طلب ڪندي 16جنوري تائين ڪيس ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.