ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي پوليس شھر جي مختلف علائقن ۾ ڪاروائي جي دوران پوليس مقابلن ۾جوابدارن جي فائرنگ ۾ پوليس جو اي ايس آءِ زخمي پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 3 زخمي ڦورن سميت چئن جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو، جمشيد ڪوارٽر ٿاڻي جي پوليس مطابق حسيني يتيم خانا تين ھٽي ڀرسان پوليس مقابلي جي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڦورو شفيق پٽ عبدالرحمن کي زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪري پستول ۽ گوليون ھٿ ڪري ورتيون. قائد آباد ٿاڻي جي پوليس موجب لانڍي جي علائقي شير پاء ڀرسان گلشن بنير گرائونڊ ڀرسان پوليس مقابلي ۾ ملزم شبير ولد معروف کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪندي پستول موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي. نيو ٽائون ٿاڻي جي پوليس جو بھادر آباد جي علائقي چار مينار ڀرسان پوليس مقابلي ۾ زخمي جوابدار عزيز الرحمن عرف جواد ولد امن شاھ ۽ سعيد اڪبر ولد جان محمد جي نالن سان سڄاڻپ ٿي آهي. ۽ جوابدارن جي فائرنگ ۾ پوليس جو اي ايس آء علي اڪبر ملاح به زخمي ٿي پيو آهي پوليس ملزم جي قبضي ما ھٿيار, ڪلٽس ڪار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪيو.