توشه خانه ريفرنس: عمران خان ۽ بشريٰ بيبي خلاف شاهدن جا بيان قلمبند

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بيبي خلاف توشه خانه ريفرنس ۾ استغاثه جي سمورن شاهدن جا بيان  قلمبند ڪيا ويا آهن.خابرو اداري موجب احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، پراسيڪيوشن جي 20 مان 16 شاهدن پنهنجا بيان قلمبند ڪرايا جڏهن ته باقي 4 شاهدن کي نااهل قرار ڏنو ويو. ٻڌڻي دوران نئين وڪيل ظهير عباس چوڌري جوابدارن طرفان قانوني نمائندگي پيش ڪئي. وڪيل ظهير عباس عدالت کي استدعا ڪئي ته مون کي ڪيس جون ڪاپيون فراهم ڪيون وڃن، تياري لاءِ وقت ڏنو وڃي ۽ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي. ان تي پراسيڪيوشن ظهير عباس جي وقت ڏيڻ جي درخواست جي مخالفت ڪئي، نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدارن جا ٻيا مرڪزي وڪيل موجود آهن، اهي ڪارروائي ڪري سگهن ٿا، شهباز کوسا به عدالت ۾ موجود آهي، اهي ڪارروائي ڪري سگهن ٿا، 10 وڪيلن جا حلف ناما جمع ٿي چڪا آهن، ڄاڻي واڻي دير جا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن. بعد ۾ عدالت جوابدار پي ٽي آءِ جي باني عمران خان۽ بشريٰ بيبي جو استغاثه جي شاهدن تي بيان ڏيڻ جو حق ختم ڪندي سمورن جوابدارن کي قلم 342 جي بيان لاءِ طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.