بلڙي شاهه ڪريم ڀرسان هٿياربندن جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ، ڀاءُ ڀيڻ قتل، 3 زخمي

بلڙي شاھ ڪريم (رپورٽ:الطاف حسين رند ) بلڙي شاھ ڪريم ٿاڻي جي حد ڳوٺ جنھاڻ سومرو لڳ ميران محمد شاهه ۾ هٿياربندن جي قهري ڪارروائي، گهر ۾گهڙي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، ڀاءُ ۽ ڀيڻ قتل،  ٻارڙي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، بلڙي شاھ ڪريم ٿاڻي جي حد جنھاڻ سومرو ڳوٺ ميران محمد شاهه ۾ هٿياربندن ڪاھ ننڊ ستلن تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ 24 ورهين جو نياز علي شاھ ولد غلام محمد شاھ 55 ورهين جي مسمات بي بي بچل عرف بچلان شاھ قتل ٿي ويا، جڏهن ته 26 ورهين جو ڪمال شاھ، 27  ورهين جي بختاور شاھ ۽ ٻين ورهين جي انيلا شاھ سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته گولاڙچي جي سيد برادري سان تعلق رکندڙ هٿياربندن سڱاوتي تڪرار تان گهر ۾ گهڙي رتوڇاڻ ڪئي، جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو،

واقعي جي اطلاع ملڻ تي ڊي ايس پي ايس ايڇ او بلڙي شاھ ڪريم واقعي واري هنڌ پهتا، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو، سيدن جي گهر تي حملو ڪيو ويو، قاتلن کي جلد گرفتار ڪنداسين،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.