ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) زمبابوي جي ليجنڊ ڪرڪيٽر اينڊ فلاور چيو آهي ته بابر اعظم غير معمولي صلاحيتون رکندڙ ڪرڪيٽر آهي.
هڪ انٽرويو دوران اينڊي فلاور چيو ته پاڪستاني ڊريسنگ روم جو حصو نه هئڻ سبب بابر اعظم کي ڪپتاني تان هٽائڻ بابت نه ٿو ڳالهائي سگهان، جيستائين فارم جو سوال آهي ته نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ هن سٺي اننگز کيڏيون آهن.
هن چيو ته آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ مهمان ٽيمن کي مشڪل پيش ايندي آهي، پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيسٽ سيريز ۾ سٺو مقابلو ڏسڻ لاءِ مليو پر گرين ڪيپس جيڪڏهن ڪجهه اهم ڪيچز ڊراپ نه ڪري ها ته نتيجو مختلف هجي ها.