لاهور (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) پنجاب جي مختلف شهرن مان پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڪمانڊر سميت 11 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو اهي.
سي ٽي ڊي پنجاب جي مختلف شهرن ۾ آپريشن ڪندي 11 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو.
سي ٽي ڊي ترجمان ٻڌايو ته لاهور، ساهيوال، سرگوڌا، بهاولپور، جهنگ، نارووال ۽ جهلم ۾ ڪارروايون ڪيون ويون، بهاولپور مان افغانستان مان تربيت يافته ٽي ٽي پي جو اهم ڪمانڊر به گرفتار ٿيو.
ترجمان جو چوڻ گرفتار ڪيل دهشتگردن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، دهشتگرد مختلف ادارن تي حملن جي منصوبابندي ڪري رهيا هئا.