عام چونڊن جي سيڪيورٽي لاءِ ايپ تيار

لاهور (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن جي سيڪيورٽي لاءِ ايپ تيار ڪئي وئي آهي، پولنگ اسٽيشنز تي مقرر عملي جي موبائل فونز تي اها ايپ انسٽال ٿيندي.
لاهور پوليس آپريشنز ونگ پاران عام چونڊن جي سيڪيورٽي لاءِ تيار ڪيل ايپ بابت ڊي آءِ جي آپريشنز سيد علي ناصر رضوي ٻڌايو ته پولنگ اسٽيشنز تي مقرر عملي جي موبائيل فونز ۾ ايپ انسٽال ٿيندي.
سيد علي ناصر رضوي موجب ايپ ذريعي ويجي لينس ٽيمن سميت مانيٽرنگ ممڪن ٿي سگھندي جڏهن ته پولنگ جي سامان جي پهچ، عملي ۽ نفري جي موجودگي ۽ پولنگ جي شروعات ۽ پڄاڻي به شامل آهي.
پولنگ بيهڻ جي صورت ۾ ايپ جي مدد سان آگاهه ڪري سگھبو ۽ ايپ جي ذريعي جيوٽيگنگ ڪري سگھبي.
ايپ جي مدد سان آفيسر ۽ جوان پنهنجي ڊيوٽي پوائنٽس تي سولائي سان پهچي سگھندا جڏهن ته پولنگ اسٽيشنز تي مقرر نفري جا تفصيل به حاصل ڪري سگھبا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.