” جيڪو ووٽ نه ڏيندو ان جو پاڻي بند ڪري ڇڏيندس“ فضل الله پيچوهو جي ووٽرن کي ڌمڪي

سانگهڙ ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ فضل الله پيچوهو عام چونڊن ۾ ووٽ نه ڏيڻ تي سندن کي پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
سانگهڙ ۾ فضل الله پيچوهو پرتم آباد ۾ پي ايس 40 ۾ چونڊ جلسي خطاب ڪندي چيو ته ووٽرز اٺ فيبروري تي 12 وڳي پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ نڪرن، 12 وڳي تائين ووٽر نه نڪتا ته جام صاحب مائنر بند ڪري ڇڏينداسين.
فضل الله پيچوهو ڌمڪي ڏيندي چيو ته ڄام صاحب مائنر بند ٿيندو ته ووٽ نه ڏيڻ وارن جو پاڻي به بند ٿيندو.
هن ووٽرز کي چيو ته اميدوار جي شڪل پسند ناهي ته ووٽ تير کي ڏئي بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.