يادداشت بهتر بڻائڻ لاءِ ملٽي وٽامن جو استعمال فائديمند قرار

هڪ تازي تحقيق ۾ انڪشاف ٿوي آهي ته روز ملٽي وٽامن جي استعمال سان يادداشت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي.
عمر وڌڻ سان انسان جي يادداشت ڪمزور ٿيڻ سنجيدهه مسئلو آهي جنهن جي ڪري گھڻن ماڻهن کي ڏکيائي ٿيندي آهي.
آمريڪن جرنل آف ڪلينيڪل نيوٽريشن ۾ ڇپيل هڪ تحقيقي رپورٽ مان خبر پئي آهي ته ملٽي وٽامن جي استعمال سان انسان جي عمر کي 2 سالن تائين ريورس ٿي سگھي ٿي ۽ يادداشت کي بهتر بڻائي سگھجي ٿو.
اها تحقيق 60 کان وڌيڪ عمر جي 573 ماڻهن تي ڪئي وئي جنهن ۾ اهي نتيجا سامهون آيا ته 60 سالن جي عمر کان وڌيڪ جا جيڪي ماڻهو روز ملٽي وٽامن استعمال ڪندا آهن انهن جي يادداشت پاڻ کان تقريبن 5 سال ننڍي عمر وارن ماڻهن جي برابر ۽ عمر پاڻ کان 2 سال ننڍي عمر واري ماڻهو جي برابر هوندي آهي.
تحقيق جي نتيجن موجب ملٽي وٽامن جي استعمال جا اهم فائدا رڳو انسان جي يادداشت ۾ بهتري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.