نوشهرا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف پارليمنٽيرينز جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته عمران خان سعودي ولي عهد جي گهڙي کپائي سڄي قوم جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو.
نوشهرا ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني هڪ نه سوين ڪوڙيون ڳالهيون ڪيون، هو هر واري نئون ڪوڙ ڳالهائي عوام کي بيوقوف بڻائيندو آهي.
هن چيو ته عمران خان چوندو هو ته اقتدار ۾ آيو ته ڊالر جي برسات ٿيندي پر سندس ايندي ئي ڊالر گم ٿيڻ شروع ٿي ويا.
پرويز خٽڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني چوندو هو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ بدران هو آپگهات ڪري ڇڏيندو پر هن سعودي ولي عهد جي ڏنل گهڙي کپائي قوم جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو.
Prev Post
You might also like