قيدي کي نائٽروجن گيس ذريعي موت جي سزا

واشنگٽن ڊي سي (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ پهريون ڀيرو ڪينٿ سمٿ نالي ڏوهاري کي نائٽروجن گيس ذريعي موت جي سزا ڏني وئي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب 58 ورهين جي ڪينٿ سمٿ کي آمريڪي رياست لاباما ۾ هولمين ڪريڪشنل فيسلٽي ۾ اڄ مقامي وقت موجب 8 لڳي 25 منٽن تي مُئل قرار ڏنو ويو.

SCOTUS sides with Alabama inmate Kenneth Smith who seeks to die by nitrogen  gas | CNN Politics
سمٿ کي 1989 ۾ هڪ عورت کي قتل ڪرڻ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
جوابدار کي 2022ع ۾ موتمار انجيڪشن ذريعي موت جي سزا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي پر اها ناڪام ثابت ٿي ۽ هاڻي ٻي ڪوشش نائٽروجن گيس جي مدد سان ڪئي وئي.
جوابدار جي پهريل ماسڪ ۾ نائٽروجن گيس ڇڏي وئي، ساهه کڻڻ تي آڪسيجن جي کوٽ ٿيڻ تي هو فوت ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.