هراسمينٽ معاملو: گورنرجو لاڙڪاڻو بورڊ جي چيئرمين جي سزا معاف ڪرائڻ لاءِ حڪومت کي خط

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري عورت استات پاران هراسمينٽ جي الزام هيٺ برطرف ڪيل لاڙڪاڻي انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ جي سزا معاف ڪرائڻ لاءِ سنڌ سرڪار کي خط لکي ڇڏيو.
ڪجهه ڏينهن صوبائي محتسب عورت استاد شگفتا شاهه کي هراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ لاڙڪاڻي جي انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ کي عهدي تان برطرف ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.
ٻئي پاسي گورنر جي ترجمان موجب، نسيم ميمڻ خلاف محتسب جي سزا تي گورنر سنڌ طرفان حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو، سندس پاران حتمي فيصلي تائين معطلي جي سزا تي عملدرآمد روڪيو ويو آهي.
ترجمان ٻڌايو ته نسيم ميمڻ جي معاملي جو قانون مطابق جائزو ورتو پيو وڃي، قانون پٽاندڙ گورنر صوبائي محتسب جي فيصلن خلاف ايپليٽ اٿارٽي آهي ۽ نسيم ميمڻ ان قانون تحت گورنر کي فيصلي جي خلاف اپيل ڪئي آهي.
معاملي جو پس منظر
لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ جي چيئرمين مٿان ماسترياڻي کي هراسان ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي عورتن جي صوبائي محتسب جي فيصلي بعد نگران وڏي وزير بورڊ جي چيئرمين کي هٽائي ڇڏيو هو.
حيدرآباد پبلڪ اسڪول جي 17هين گريڊ جي ماسترياڻي شگفتا شاھه پاران لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ جي چيئرمين نسيم احمد ميمڻ تي هراسمينٽ جو الزام هڻندي عورتن بابت قائم ٿيل صوبائي محتسب ۾ شڪايت داخل ڪرائي هئي.
محتسب آفيس پاران لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ جي چيئرمين نسيم احمد ميمڻ تي هراسمينٽ جو الزام ثابت ٿيڻ تي کيس ٽرمينيٽ ( برطرف) ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.
صوبائي محتسب جي اهڙي فيصلي کانپوءِ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي هدايتن تي لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ جي چيئرمين نسيم احمد ميمڻ کي هٽايو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.