پاڪستان ۾ عام چونڊن جي حوالي سان آمريڪا جو اهم بيان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ويدانت پٽيل پاڪستان ۾ عام چونڊن بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڪستان جي مستقبل جي قيادت جو فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي، آمريڪا جي دلچسپي جمهوري عمل ۾ آهي.

واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ويدانت پٽيل چيو ته اسان سمجهون ٿا ته آزاد ۽ خود مختيار ميڊيا مضبوط جمهوريت لاءِ ضروري آهي، ميڊيا ووٽرن کي باخبر رکڻ ۽ حڪومت کي جوابدهه رکڻ ۾ مدد ڪندي آهي.

ويدانت پٽيل پاڪستان ۾ اظهار جي آزادي ۽ پريس پابندين تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اظهار راءِ جي بندش پاڪستان جي پنهنجي ئي پاليسي جي خلاف آهي.

هن پاڪستان ۾ ايندڙ عام چونڊن تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي مستقبل جي قيادت جو فيصلو پاڪستان جي عوام کي ڪرڻو آهي، آمريڪا جي دلچسپي جمهوري عمل ۾ آهي.

پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ بابت ڳالهائيندي ويدانت پٽيل چيو ته ايران خطي ۾ جارحاڻا قدم کڻي رهيو آهي، ايران جي معاملي تي پاڪستاني اختيارين سان رابطا جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.