ٿڌ سبب اسڪولي شاگردن لاءِ وڌيڪ هڪ نرمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٿڌ ۾ واڌ کي نظر ۾ رکندي پشاور سميت خيبرپختونخواهه جي سرڪاري اسڪولن جي يونيفارم ۾ نرمي ڪئي وئي آهي.

پرائمري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن کاتي سرڪاري اسڪولن ۾ يونيفارم بابت نرمي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ٿڌ سبب ٻار ڪنهن به قسم جو سوئيٽر يا ڪوٽ پائي اسڪول اچي سگهن ٿا.

ٿڌ سبب اسڪولن ۾ سکيا جو عمل متاثر ٿيو آهي، موسم بهتر ٿيڻ تائين يونيفارم ۾ رليف ڏنو ويو آهي.

پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ٿڌ کي نظر ۾ رکندي ٻارن جي يونيفارم ۾ نرمي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.