ڪراچي ۾ پاڪستان ريفائنري لميٽڊ پاران ترقي ۽ پيداواري صلاحيتن جي واڌ بابت تقريب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريفائنري لميٽڊ (پي آر ايل) پاران ترقي کي وڌائڻ ۽ پيداواري صلاحيتون ٻيڻيون ڪرڻ جي عنوان سان ڪراچي جي موواِن پِڪ هوٽل ۾ فليگ شپ ايونٽ پي آر ايل ڪنيڪٽ ڪوٺايو ويو.

تقريب ذريعي انڊسٽري اڳواڻن، اسٽيڪ هولڊرز ۽ شرڪت ڪندڙن کي پي آر ايل جي مستقبل جي پائيدار توانائي ڏانهن تبديلي جي سفر جو جائزو وٺڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو.

ان دوران پي آر ايل جي بورڊ آف ڊاريڪٽر جي چيئرمين هلندڙ ۽ گذريل ڇهه ماهي ڪمپني جي غير معمولي ۽ شاندار آپريشنل ڪارڪردگي تي روشني وڌي جنهن ۾ سيپٽمبر ٻه ٽيويهه ۾ رڪارڊ نفعو، پلانٽ جي سئو سيڪڙو موجودگي ۽ ڪمپني جو هن وقت تائين وارو سڀ کان وڏو وڪرو شامل آهن.

ان سان گڏ برائون فيلڊ ريفائنري پاليسي سان گڏ اسٽريٽجڪ تبديلي جو جز به پيش ڪيو ويو.

ريفائنري جي واڌ ويجهه ۽ اپ گريڊيشن پراجيڪٽ (آر اي يو پي) بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي جنهن جو مقصد ڪروڊ پراسيسنگ جي صلاحيت کي پنجاهه هزار ڏهاڙي مان وڌائي هڪ لک بيرل ڏهاڙي تائين پهچائڻ آهي. جنهن سان نه رڳو اسٽريجڪ مقصدن ۾ واڌ ٿيندي پر نفعو به گهڻو ٿيندو پر اهڙو منصوبو فرنس آئل جي پيداوار کي ختم ڪري يورو فائيو معيارن واري پيٽرول ۽ ڊيزل جهڙي گهڻي نفعي وارن شين جي پيداوار گهڻي کان گهڻي ڪندو.

مارڪيٽ جي گهرج موجب فائدو ڏيندڙ پيٽرول ۽ گيس واري شين کي ترجيح ڏيڻ ذريعي پي آر ايل جي آر اِي يو پي منصوبي جو مقصد مالي ڪاميابي ۽ پائيداري لاءِ نئي صنعت جي معيار کي قائم ڪرڻ آهي.

تقريب دوران اهو به واضح ڪيو ويو ته اهڙي پروگرام ذريعي سڄي ملڪ کي فائدو ٿيندو.

ان موقعي تي چيئرمين تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيندي مقصدن کي ڪاميابي تائين پهچائڻ لاءِ حصيدار بڻجڻ جي پڻ دعوت ڏني جنهن جو مقصد صلاحيتن کي ٻيڻو ڪرڻ، پائيداري کي اختيار ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ آهي.

پي آر ايل بورڊ جي چيئرمين طارق ڪرماڻي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پي آر ايل ڪنيڪٽ 2024 هڪ اهم ايونٽ آهي جنهن ذريعي اسان مستقبل جي پائيدار توانائي جي لاءِ پنهنجو خيال پيش ڪيو اسان جي ڪاميابين ۽ اسٽريٽجڪ فيصلن اهڙي تبديلي جي لاءِ راهه هموار ڪئي آهي. اسان سڀني کي هن عظيم سفر ۾ شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا.

مينيجنگ ڊاريڪٽر زاهد مير چيو ته پيداواري صلاحيتن کي ٻيڻو ڪرڻ وارو اسان جو سفر رڳو انگ اکر ناهي پر اهو پاڪستان جي لاءِ پائيدار توانائي ۽ خودمختيار بڻائڻ وارو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.