تلهار ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا فوت

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) تلهار ويجهو مين حيدرآباد بدين هائي وي تي بقادار شاھ اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار ۾ موٽر سائيڪل جو پاڻ ۾ ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڳڀرو نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويا، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ نعمان ملاح ، واحد ملاح ، معشوق جوڻيجو شهزاد شيدي شامل آھن، ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جي نتيجي ۾ ڪاراونڌي ٿي وئي ۽ موٽر سائيڪل تي سوار 3 ڄڻن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا،جڏهن ته ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.