سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جو سهارو نه وٺن: سراج الحق

ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي جو امير  سراج الحق سنڌ جي ٽن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو جتي سندس جماعت اسلامي جيمقامي اڳواڻن استقبال ڪيو. صوبائي ترجمان مجاھد چنا موجب هو 26 جنوري اڄ جمعي تي منجهند جو لطيف آباد حيدرآباد ۽ شام جو 06 وڳي بلديه چوڪ ٽنڊوآدم ۾ رٿيل چونڊ جلسن کي خطاب ڪندو جڏهن ته هو آچر ڏهاڙي ڪراچي جي باغ جناح ۾ وڏي جلسي کي پڻ خطاب ڪندو. هوڏانهن سراج الحق خميس جي رات اسپتال چوڪ مهراڻ هاءِ وي ملير ۾ رٿيل ترازو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته صاف شفاف چونڊون ئي ملڪ جي معاشي ۽ سياسي بحرانن سميت سڀني مسئلن جو حل آهن.جماعت اسلامي 08 فيبروري تي فري اينڊ فيئر چونڊون چاهي ٿي ان لاءِ عوامي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن، نواز ليگ پ پ  سميت سڀئي سياسي جماعتون اقتدار تائين پهچڻ لاءِ اسٽيبلشمنٽ جو سهارو وٺڻ بدران جمهوريت ۽ عوامي طاقت کي بنياد بڻائي اڳتي وڌن، سياسي جماعتن کي هٿراڌو نموني سان ختم ڪرڻ جون ڪوششون نه اڳ ۾ ڪامياب ٿي سگهيون آهن نه هاڻي ٿينديون، ڪنهن به سياسي جماعت ۽ سياسي ليڊر کي ووٽ ذريعي ئي ختم ڪري سگهجي  ٿو. جلسي کي ممتازحسين سھتو، حافظ نعيم الرحمان، ملير جي امير ضلع محمد اسلام پڻ خطاب آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.