ڪراچي ۾ ٽي ٽي پي جو نيٽ ورڪ بي نقاب، ڪمانڊر سميت 17 دهشتگرد گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچي ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان ٽي ٽي پي جي دهشتگردن جو وڏو نيٽ ورڪ بي نقاب ڪندي ڪمانڊر سميت 17 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو، سيڪيورٽي ذريعن موجب گرفتار ٿيل دهشتگرد 2007 کان 2014 تائين ٽي ٽي پي نيٽ ورڪ جو حصو هئا ۽ سنگين ڏوهن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هئا، ذريعن موجب دهشتگرد ڪراچي ۾دهشتگردي جي ڪارروائين جي منصوبا بندي ڪري رهيا هئا جن کي انٽيلجنس ايجنسيز ڪارروائي ڪندي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو، دهشتگردن کي افغانستان مان تحريڪ طالبان پاڪستان جي قيادت جي سرپرستي لاءِ منظم ڪيو ويو هو، دهشتگرد سوات ۽ مالاڪنڊ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ اين جي اوز تي حملن ۾ ملوث هئا. ان کان علاوه ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي به حملن ۾ ملوث هئا، نيٽ ورڪ ڀته خوري ۽ اغوا براءِ تاوان ذريعي فنڊ گڏ ڪندو هو. انهي نيٽ ورڪ مدرسي ۾ آپگهاتي بمبارن کي به پناهه ڏني هئي جن کي دهشتگردي جي مختلف سرگرمين ۾ استعمال ٿيڻو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.