اليڪشن 2024 ڪي مثبت نتيجا آڻيندي؟

تحرير: علي مردان چانگ ايڊووڪيٽ

ابراھام لنڪن جمھوريت لاءِ  چيو ھيو ته جمھوريت مطلب عوام جي لاءِ  عوام جي طرفان عوام جي حڪومت. ڪاش اسان وٽ به ايئن ئي ھجي ھا. پر ھتي حڪومت ڪڏھن به عوام وٽ نه رھي آھي. عوام جا چونڊيل نمائندا نه ڪڏھن عوام چونڊيا آھن نه ئي صحيح معني ۾ اقتداي ڪڏھن سياسي نمائندن کي منتقل ٿيو آھي. جمھوري حڪومت جي ھوندي به اقتدار ھميشه اسٽيبلشمينٽ وٽ ئي رھيو آھي ۽ اصل اقتدار جا مالڪ ھميشه اليڪشن جي نالي ۾ سليڪشن ڪرائي پنھنجا من پسند ماڻھو ئي ڪرسين تي ويھاريندا رھيا آھن.

چوندا آهن جنهن شي جو بنياد غلط هجي اها ڪڏهن به صحيح نتيجا نه ڏيندي. پاڪستان ٺهڻ کان اڄ ڏينهن تائين اسان هڪڙي ڌٻڻ ۾ فاٿل نظر ٿا اچون. نڪرڻ جي ڪا واهه نظر نه پئي اچي. انگريزن کان اقتدار صحيح نموني جمهوري قوتن کي منتقل ٿيو ئي ڪونه. پهرين ڏينهن کان ملڪ غير جمهوري طاقتن جي ور چڙهي ويو جن مختلف تجربا ڪري ملڪ جي اهڙي ٻيڙي ٻوڙي جو 76 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين ٻيڙي طرڻ جو ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي. هڪڙي پاسي هندستان کي گانڌي، نهرو، ابولڪلام آزاد ۽ پٽيل جهڙا دورانديش ليڊر مليا جن ملڪ کي اهڙو بنياد فراهم ڪيو جو اڄ هندستان جو ڳاڻيٽو دنيا جي طاقتور ترين ملڪن ۾ ٿئي ٿو ۽ ٻئي پاسي اسان وٽ ڪاري وارا ڪک هيا.

ملڪ جا اصل اقتدار ڌڻي پھرين ڏينھن کان مختلف تجربا ڪندا اچن ۽ انھن تجربن جي نتيجو اھو نڪتو آھي جو ملڪ ترقي بدران مسلسل تنزل جو شڪار آھي. 1970 جي اليڪشن ۾ عوامي ليگ وڏي اڪثريت سان اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي تنھن باوجود به اسٽيبلشمينٽ اقتدار عوامي ليگ جي حوالي ڪرڻ لاءِ  تيار نه ٿي ۽ نتيجو اھو نڪتو جو ملڪ ٻه ٽڪڙا ٿي ويو.

2018 ۾ ھڪڙو تجربو ڪري اقتدار زوري ھڪڙي پارٽي جي حوالي ڪيو ويو ۽ انھيءَ پارٽي کي اقتدار ڏيڻ جي لاءِ  ڪي پي ڪي ۾ سياسي مخالفن جي جلسن ۾ ڌماڪا ڪرائي ميدان صاف ڪيو ويو ۽ پنجاب ۾ رات جو 12 بجي به ڪورٽن جي مدد سان مخالف اميدوارن کي نا اھل ڪرائي ڪجھ اميدوارن کي ميدان صاف ڪري ڏنو ويو جنھن جو نتيجو اھو نڪتو جو ملڪ معاشي بحران جي اھڙي ور چڙھيو جو اڄ ڏينھن تائين نڪرڻ جي ڪا واھ نظر نه پئي اچي. جن 2018 وارو تجربو ڪيو اھي به انھيءَ تجربي مان ايترو ڦاسي ويا جو مختلف حربا استعمال ڪرڻ باوجود به اڄ تائين صحيح نموني پنھنجي جان نه ڇڏائي سگهيا آھن.

ڪنھن به ملڪ کي پٽڙي تي چاڙھڻ لاءِ  ضروري آھي ته ملڪ جي آئين ۽ قانون تي صحيح نموني عمل ڪجي پر ايترن تجربن باوجود ملڪ جا اصل اقتدار ڌڻي اڃا تائين اھا ڳالھ نه سمجھي سگھيا آھن. 2023 ۾ اسيمبلين جي ٽٽڻ کانپوءِ  ٿيڻ ته ايئن کپندو ھيو ته آئين ۾ لکيل وقت مطابق نيون چونڊون ڪرائي اقتدار عوام جي چونڊيل نمائندن کي منتقل ڪيو وڃي ھا پر ائين به نه ٿيڻ ڏنو ويو ۽ ھڪ ڀيرو ٻيھر ملڪ کي نئين تجربي مان گذاريو ويوجنھن جا نتيجا ھميشه وانگر خراب ئي نڪرندا ۽ ملڪ ھڪ ڀيرو ٻيھر بحرانن جي ور چڙھي ويندو.

ھميشه وانگر ھن اليڪشن ۾ به اسٽيبلشمينٽ واضح طور ھڪڙن سياسي پارٽين سان بيٺل نظر اچي ٿي ۽ ھڪڙا وري جيلن ۾ پيا آھن. مختلف ڪيسن ۾ ھميشه وانگر ھيل به بظاھر اسٽيبلشمينٽ مخالف ماڻھو اليڪشن کان زوري پري رکيا ويا آھن. ھيءَ اليڪشن به ماضي وانگر ملڪ کي ڪو فائدو نه ڏيندي ۽ ھن سڄي مھم جوئي جو نقصان ملڪ کي ٿيندو ۽ ايندڙ تباھي عوام جي ڳچي ۾ ئي ھوندي.  اھو فرق ضرور پيو آھي جو ھاڻي عوام به مجبور ٿي ھاڻي اصل اقتدار ڌڻين کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون آھن. عوام به مسلسل ظلم ۽ زيادتيون برداشت ڪري ڪري ٿڪي آھي ۽ لڳي ايئن ٿو ته ھاڻي کين ڊپ ختم ٿيندو وڃي ۽ اھو ڏينھن شايد پري ناھي جو عوام اقتدار جون واڳون پاڻ سنڀاليندو ۽ 75 سالن جي ظلم جو حساب وٺندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.