اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب پاران اسلام آباد جي انتظاميه کي درخواست ڏني وئي. هن درخواست ۾ نيشنل پريس ڪلب جو موقف اختيار ڪيو ته پريس ڪلب ٻاهران ويٺل بلوچ احتجاج ڪندڙن کي پريس ڪلب جي سامهون واري هنڌ تان هٽائي ٻي جاءِ تي منتقل ڪيو وڃي. نيشنل پريس ڪلب جي مئنيجر ڪامران شاهد پاران اسلام آباد جي ڪوهسار پوليس اسٽيشن ۾ انتظاميه کي جمع ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پريس ڪلب جي آمدني جو ذريعو هتي منعقد ٿيندڙ پريس ڪانفرنسون ۽ سيمينار آهن پر ان لاءِ گذريل ٻن مهينن کان بلوچ عوام جي احتجاج سبب بند روڊن سبب نه رڳو اسان جي ميمبرن کي آمد و رفت ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن پر سيڪيورٽي سبب هتي ٻيا پروگرام به منعقد نه ٿي رهيا آهن. سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل کانپوءِ گذريل شام اسلام آباد نيشنل پريس ڪلب جي مئنيجر ڪامران شاهد ڪوهسار ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي ڏنل درخواست واپس وٺندي هڪ لکت ۾ بيان جاري ڪيو آهي ته سندس درخواست ۽ احتجاج ڪندڙن کي محاذ تان هٽائڻ بابت انتظاميه کي خط لکيو ويو آهي. نيشنل پريس ڪلب کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو.
چونڊن ۾ دهشتگردي جو خدشو، پنجاب ۾ هٿيار کڻي هلڻ تي بندش
لاهور(م ڊ) پنجاب جي گهرو کاتي قلم 144 جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب قلم 144 تحت هٿيار کڻڻ تي مڪمل پابندي هوندي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هوائي فائرنگ تي پابندي هوندي ۽ خلاف ورزي تي ڪارروائي ڪئي ويندي . نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي به قلم 144 تحت ٿيندي. نوٽيفڪيشن موجب 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن ۾ سڪيورٽي خطرن جا اطلاع آهن، دهشتگردي ۽ اميدوارن وچ ۾ جهيڙي جا به امڪان آهن. پنجاب حڪومت 12 فيبروري تائين قلم 144 لاڳو ڪيو هو.