ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڌرڻي جي خاتمي جي حوالي سان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي پوسٽ ڪئي ۽ لکيو ته سڀ ڪجهه ياد رکيو ويندو. اهي آيا، انهن التجا ڪئي ۽ توهان کي حل ٻڌايو. هي معصوم ٻار پنهنجي پيارن کان سواءِ مايوسيءَ ۾ وڃي رهيا آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته رياست بلوچستان بابت ڪيتري سنجيده آهي.