جنرل باجوا لاپتا ماڻهن بابت قانون سازي جو آپشن ڏنو،پي ڊي ايم حڪومت ڌيان نه ڏنو: مشاهد

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ جي سينيٽر مشاهد حسين چيو آهي ته  نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ لاپتا ماڻهن بابت اشو مون ۽ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان اٿاريو هو، اسان چيو ته اهو اشو پاڪستان جي اميج تي داغ آهي،پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح برطانوي سامراج خلاف وڙهندڙ ڀڳت سنگهه شهيد  لاءِ آواز اٿاريو هو،ان جا انساني حق آهن، جنرل باجوا چيو ته اسان چاهيون ٿا ته توهان لاپتا ماڻهن بابت قانون سازي ڪريو، اسان ٻن الزامن تي ماڻهن کي کڻنداسين،هڪ دهشتگردي ۽ ٻيو دهشتگردي انهن الزامن بعد 48 ڪلاڪن ۾ ماڻهن کي عدالتن ۾ پيش ڪنداسين،انهن تي ڪيس هلن، مون ان وقت به چيو هو ته  اجلاس ۾ وزيراعظم شهبازشريف موجود آهي اهو فيصلو ڪري،پر پي ڊي ايم حڪومت اهو موقعو وڃائي ڇڏيو، جڏهن ته جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان ٽوئيٽ ڪيو ته مهرباني سينيٽر مشاهد حسين صاحب!جيڪڏهن توهان کي ياد هجي ته جنرل باجوا ان اجلاس ۾ وڏي تڪبر ۽ ڪاوڙ ۾ هو ۽ منهنجي هن سان جبري گمشدگين تي وڏي تلخي ٿي، هو شروع کان ئي مڃڻ لاءِ تيار نه هو ته پاڪستان ۾ ڪي لاپتا ماڻهو آهن پر جڏهن مون کيس قبائلي علائقن ۽ ڪي پي جي مختلف ضلعن مان ڪيترن ئي سالن بعد بازياب ٿيندڙن جا تفصيل ڏنا ته نه رڳو تسليم ڪرڻو پيو ۽ پوءِ هن قانون سازي جي به ڳالهه ڪئي پر قانون ته پهرين کان موجود آهن اهو رڳو جنرل باجوا فرار جي راهه ڳولي رهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.