سنڌ ۾ برادرين تڪرار ۾ ڪيتريون ئي قيمتي حياتيون زيان ٿين ٿيون،جن ڪجھه وقت لاءِ افسوس ڪرڻ بعد وري ھر ڪو پنھنجي ڪرت ۾ لڳي ويندو آھي،پر جن خاندانن مان انھن جا ماڻھو ھليا ويندا آھن،انھن جا ڏک ختم نھ ٿيندا آھن.
قبائلي جھيڙا سردارن يا برادري جي چڱن، مڙسن جي ذاتي انا جي تسڪين، ڪمائي جو ذريعو، عام ۽ غريب ماڻھن کي غلام رکڻ جو ھڪ طريقو آھي.سنڌ جي خاص ڪري اتر واري علائقي ۾ اھو لاڙو گھڻو آھي.جيڪڏھن سردار سندن برادرين کي محفوظ ڪرڻ چاھين ٿا تھ ان جي لاءِ ڪي جوڳا قدم ڇو نٿا کڻن. دراصل اھو ناسور ئي آھي جيڪو بدامني کي بھ ھوا ڏئي ٿو.جنھن ڪري اتر سنڌ ۾ بدامني وڌيڪ آھي، انھن جھيڙن سان ان علائقي جي سموري رواجي زندگيءَ معطل ٿي ويندي آھي ۽ ماڻھو خوف واري فضا ۾ ساھ کڻندا آھن.جنھن جو فائدو ھر صورت ۾ انھن برادرين يا قبيلن جي سردارن کي ٿئي ٿو. ھن وقت تائين ساوند سندراڻي تڪرار ۾تازي قتل ٿي ويل 6 ڄڻن سميت لڳ ڀڳ 27 بيگناھ انساني جانيون گولين جو کاڄ بڻجي چڪيون آھن ۽ درجنين زخمي ٿيا آھن.جڏھن قتل ٿيلن ۾ تازو ٽي ملڪ برادري جا مھمان ۽ اڳ ۾ ھڪ ٿھيم برادري جو ماڻھو بھ مارجي چڪا آھي.
سياسي سماجي ۽ صحافين توڙي سوشل ميڊيا تي لکندڙن واقعي جو ذميوار سنڌ پوليس ۽ وڏيرن کي قرار ڏيندي چيو تھ جيڪڏھن قانون جو ڪو وجود ھجي ھا تھ قبائلي جھيڙا ڪڏھن بھ نھ ٿين ھا.
ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران بھ چيو آهي ته قبائلي چڱن مڙسن ۾ هٿ وجهڻ تائين خوني تڪرار حل نه ٿيندا،هن چيو ته مقتولن جا وارث جهيڙن جي اصل محرڪن يا سبب بڻجندڙ چڱن مڙسن تي ڪيس داخل نٿا ڪرائين.ياد رهي ته سندراڻي ساوند تڪرار ۾ اجمل ساوند،وڪيل نور الاهي سندراڻي سميت تعليم يافته نوجوان ۽ ٻين برادرين جي ماڻهن سميت 27 ڄڻا قبيلائي دهشتگردي جي زد ۾ اچي موت جو بک ٿيا آھن.تازو واقعو دل جھوريندڙ آھي. ھڪڙي لحاظ سان ڏسجي تھ اھا واردات وڏي دھشتگردي آھي.
واقعي موجب ڇنڇر جي صبح جو نائين وڳي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن ميرپورماٿيلي لڳ ڳوٺ مسڪان ساوند تي ڪاھ ڪري ڇھن ڄڻن کي قتل ڪيو.ھٿياربندن اوطاق تي ويٺلن مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي،جنھن ۾ ساوندن جا ڇھھ ماڻھو موقعي تي مارجي ويا. جن مان ٽڻ ڄڻن جو تعلق ملڪ برادري سان ھو،جيڪي ھنن وٽ مھمان ٿي آيل ھئا. واقعي ۾ وڌيڪ ٽي ڄڻا زخمي ٿيا آھن.ڪارروائي بعد ھٿياربند فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا.ھٿياربندن جو تعلق سندراڻي برادري سان ٻڌايو پيو وڃي. مقتولن ۾ امير علي، عبدالرحمان ۽ فيض محمد ذات جا ساوند ۽ مھمان شير علي سندس پٽ نصيب الله ۽ سندس مائٽ علي رضا ذات جا ملڪ ھئا. زخمين ٿيلن ۾ اربيلو ۽ شيرمحمد ذات جا ساوند ۽ مھمان حبيب الله ملڪ شامل آھن.
مقتول علي رضا ملڪ سٽي ٿاڻي تي پوليس ھيڊڪانسٽيبل ھو.ملڪ برادري جا مھمان ڪنڌ ڪوٽ کان جھانپور شريف جو ميلو گھمڻ آيا ھئا.چيو ٿو وڃي تھ گھوٽڪي ويجھو قادرپور شھر ۾ ٻھ ڏينھن اڳ ساوند برادري جي ھٿياربندن ھٿان قتل ٿيل بينڪ آفيسر جان محمد سندراڻي جي پلاند ۾ سندراڻي برادري جي ھٿياربندن اھو حملو ڪيو ھو.چيو ٿو وڃي تھ حملو ڪندڙ 8 ڄڻا ئي ھئا جيڪي چئن موٽرسائيڪلن تي آيا ھئا
سندراڻي هٿياربندن هٿان مارجي ويل ڪنڌڪوٽ واسي ٽئي مقتول ۽ زخمي ٿيندڙ نوجوان گهوٽڪي ضلعي ۾ صوفي فقير انور سائين جي ميلي ۾ ويل هئا.ميلي کان واپسي تي ساوند برادري وٽ مهمان ٿي ويا هئا.
ساوند ۽ سندراڻي برادري وچ ۾ ڪنڌڪوٽ ۾ ڪجهه سال اڳ ڪارنھن جي تھمت بعد جھيڙو شروع ٿيو.جيڪو اختيارين ۽ سردارن جي بي حسي سبب قبائلي جھيڙي جي صورت اختيار ڪري ويو.
اسان ھڪ اھڙي سماج جو حصو آھيون جتي اڀرو سڀرو قانون تھ آھي پر ھو ڪتابن ۾ لکيل ۽ اھي ڪتاب واري ڪٻٽن ۾ بند آھن،دنيا جي ڪنھن بھ قانون مان تڏھن فائدو ٿيندو آھي جڏھن اھو عمل ۾ ايندو آھي.
تازي واقعي بعد جيتوڻيڪ گھوٽڪي پوليس علمدار اھو چئي ٿو تھ برادرين جي چڱن مڙسن ۾ ھٿ وجھڻ تائين اھو مسئلو حل نھ ٿيندو، ھن جو اھو بھ چوڻ آھي تھ متاثر ماڻھون چڱن مڙسن خلاف ڪيس داخل نٿا ڪرائين.سندس ڳالھھ جزوي طور درست آھي،پر جتي ضرورت پوندي آھي تھ مختلف ڪيسن ۾ رياست خود بھ مدعي ٿي ڪري ڪيس داخل ڪندي آھي، تھ پوءِ جيڪڏھن متاثر ماڻھون اٻوجھھ يا غريب آھن، اھي ڪيس نٿا داخل ڪن تھ رياست کي اھو ڪم ڪرڻ گھرجي.ساڳئي وقت پولس عملدار جي لاءِ عرض آھي تھ ھن ملڪ ۾ قانون گھڻو پيچيدھ ۽ انصاف گھڻو مھانگو ھئڻ سان گڏوگڏ، انصاف جو عمل ايترو سست آھي جو ھڪ ھڪ ڪيس ۾ ماڻھن جي عمر ڳري ٿي وڃي.جنھن ڪري اھي غريب ماڻھون اھڙي ھمت نٿا ڪري سگھن.
سنڌ جي باشعور ماڻھن وٽ اھا حقيقت تسليم ٿيل آھي تھ پوليس،جيل ۽ وڏيرا شاھي اھڙيون نرسريون آھن جتي ڏوھن جو جنم ٿئي ھو اھي وڌن ويجھن ٿا ۽ اھي سموري معاشري جي لاءِ ناسور بڻجن ٿا.جيڪڏھن ان سلسلي ۾ قانون ڪا حرڪت ڪري تھ ان سان سموري سماج کي بھتر رخ ۾ اڳيان وڌائي سگھجي ٿو، پر بدقسمتي سان ھتي جو جڙيل ۽ بي حرڪت قانون عام ماڻھون کي ڪنھن قسم جي جان مال ۽ حياتي جي تحفظ ڏيڻ بدران انھن کي منجھائڻ ۽ ٿڪائڻ جو سبب بڻجي ٿو.
جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڪنھن حد تائين شھري سماج جي اوسر ٿي آھي ان ھوندي بھ سنڌ ۾ برادري سسٽم گھڻو سگھارو آھي، متان وري ستم ظريفي ھي آھي تھ وڏين سياسي جماعتن پاران ان سسٽم کي ٽوڙڻ جي بدران ان کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آھي.جنھن ڪري اھو اڳي کان اڳرو آھي. اھڙين حالتن ۾ حڪومت توڙي رياست بھ عام ماڻھو جي بدران ان سسٽم مان فائدو حاصل ڪن ٿيون ۽ ان جون ڀرجھلو ٿين ٿيون.
ھن نازڪ ۽ سماجي طور ھڪ وڏي ناسور کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جيستائين اختياريون ڪا سنجيدھ ڪوشش نھ ڪنديون اھو ختم نھ ٿي سگھندو.