ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ايف بي ايريا ۾ غير قانوني گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران ڇڪتاڻ ٿي، احتجاج ڪندڙن پوليس جي گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. علائقي واسين جي مزاحمت بعد پوليس ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، انتظاميا جو چوڻ آهي ته پارڪ جي زمين تي 190 کان وڌيڪ گهر غير قانوني طور ٺاهيا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي عدالتي حڪم تي ڪئي پئي وڃي. فلاحي پلاٽن تي غير قانوني اڏاوتون ڪيون ويون. پارڪ جي جاءِ تي 200 گهر غير قانوني طور ٺاهيا ويا آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران پوليس جي هٿياربند گاڏين جا ٽائر ڦاٽي پيا. ڪيترن ئي ويڙهاڪن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته آپريشن ۾ پوليس ۽ ٻيا ادارا حصو وٺي رهيا آهن. سمورن ادارن کي گذريل ڏينهن آپريشن بابت آگاهه ڪيو ويو هو.