سن ( ن ع آ ) سن ويجھو 3 ڏينهن اڳ شاھه اويس قرني جي رهواسي نوجوان قربان علي عمراڻي کي 17 جنوري جي رات جو پوليس اهلڪارن ۽ پنجن خانگي گاڏين ۾ سوار اڻڄاتل ماڻهن اوطاق تي ترسيل مهمانن کي ماني کارائڻ دوران کنڀي کڻي ويا، ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود نوجوان هو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو، جنهن ڪري سندس وارث سخت پريشان آهن. نوجوان جي معصوم ٻارن جون اکيون پنهنجي پيءَ جي واپس موٽي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ در ۾ کتل آهن، اشرف علي عمراڻي صحافين کي ٻڌايو ته اسان غريب مسڪين آهيون منهنجو ڀاءُ جو ڪنهن به سياسي يا قومپرست جماعت سان ڪو واسطو نه آهي، ڀاءُ قربان علي کي بناجواز کنڀي گم ڪيو ويو آهي، کنڀي گم ڪيل نوجوان جي ڀاءُ ڳجھن ادارن کي هٿ ٻڌي اپيل ڪئي آهي ته ڀاءُ تي کي آزاد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.