لوڌران (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين چيو آهي ته ماڻهن کي ڪچهري ٿاڻي جي سياست مان ڇوٽڪارو ڏياريندس، ظلم ۽ ڏاڍ ڪندڙن کي نه ڇڏينداسين.
لوڌران ۾ جلسي کي خطاب ڪندي جهانگير ترين چيو ته مون کي رڳو عوام جي خدمت جو شوق آهي، ڏکڻ پنجاب کي مثالي بڻائينداسين.
هن چيو ته ملڪ مضبوطي سان هلندو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿيندو، ايماندار ماڻهو مٿي ويندا ته معيشت ٺيڪ ٿيندي، معيشت مضبوط ٿيندي ته پاڪستان ترقي ڪندو، اسان جو منشور عوام دوست آهي.
Prev Post
You might also like