چين: اسڪول جي هاسٽل ۾ باهه، 13 ڄڻا سڙي فوت

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) وچ چين جي صوبي هنان ۾ هڪ اسڪول جي هاسٽل ۾ باهه جي واقعي ۾ 13 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.
چيني سرڪاري ميڊيا موجب هنان جي علائي يشاپو جي اسڪول ۾ جمعي جي شام جو باهه لڳڻ جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ 13 ڄڻا سڙي فوت جڏهن ته هڪ ڄڻو سڙي زخمي ٿي پيو.
چيني اختيارين موجب سڙي زخمي ٿيل شخص کي طبي امداد ڏني پئي وڃي جڏهن ته باهه لڳڻ کان پوءِ اسڪول سان لاڳاپيل هڪ شخص کي حراست ۾ وٺي واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب چيني اختياريون پاران هيل تائين اها وضاحت نه ڏني وئي آهي ته مارجي ويلن ۾ ٻار ڪيترا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.