ڪراچي ۾ هٿياربندن واٽر بورڊ جي انسپيڪٽر کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) پيپلز چورنگي تي اڻڄاتل هٿياربندن واٽر بورڊ جي انسپيڪٽر کي قتل ڪري فرار ٿي ويا. پوليس موجب جمشيد ڪوارٽر  ٿاڻي جي حد ۾ مزار قائد وٽ پيپلز چورنگي وٽ اڻڄاتل هٿياربندن موٽرسائيڪل سوار هڪ شخص کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو لاش ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال پهچايو ويو. مقتول جي سڃاڻپ 59 ورهين جي فهيم الحسن ولد سعيد الحسن جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو گهر نمبر 127 ايس بلاڪ 2 پي اي سي ايڇ ايس طارق روڊ جو رهواسي هو. مقتول جي ڀاءُ نديم ميڊيا کي ٻڌايو ته فهيم الحسن 3 ٻارن جو پيءُ هو ۽ واٽر بورڊ ۾ انسپيڪٽر طور ملازمت ڪندو هو ۽ لياقت آباد ٽيڪس آفيس ۾ واقع واٽر بورڊ آفيس ۾ ڊيوٽي ڪندو هو. مقتول لياقت آباد ۾ غيرقانوني عمارتون اڏائيندڙ بلڊر مافيا خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته غيرقانوني عمارتن جي اڏاوت ڪندڙ ٻن بلڊرز خلاف ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي وئي هئي، ان کان علاوه کيس مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون، جڏهن ته ٻن بلڊرز خلاف به درخواست لياقت آباد ٿاڻي تي درخواست پڻ داخل ڪئي وئي   مقتول جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته فهيم الحسن پنهنجي قاتلن بابت پوليس کي اڳ ئي اطلاع ڏنو هو. خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات فهيم الحسن لياقت آباد کان گهر وڃي رهيو هو ته پيپلز چورنگي وٽ جوابدارن پٺئين پاسي کان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ فهيم کي هڪ گولي کاٻي هٿ ۾ ۽ ٻي گولي پٺي تي لڳي. پوليس ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.