جونيئر آفيسر سينيئر ٿي ويا، معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

ڪراچي (رپورٽر) فيصل شبير ميمڻ سميت پوليس ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن جي پروموشن جو معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو، فاروق نائيڪ ايڊووڪيٽ چيو ته 19 کان 20 گريڊ لاءِ 70 سيڪڙو مارڪون  ۽ 21 هين گريڊ لاءِ 75 سيڪڙو مارڪون گهربل هونديون آهن، فاروق نائيڪ ايڊووڪيٽ موجب درخواست گذارن  ٽريننگ ۽ ڪارڪردگي ۾ گهربل نمبر حاصل ڪيا هئا پر سينٽرل سليڪشن بورڊ 30 صوابديدي مارڪن جي نتيجن بابت تفصيل نه ڏنا هئا، درخواست گذارن کي سينٽرل سليڪشن بورڊ مارڪون حاصل نه ڪرڻ تي پروموشن نه ڏنا ويا هئا.درخواستگذارن کي بورڊ پاران ساڳي ليٽر ذريعي آگاهه ڪيو ويو ته اهي پروموشن جا اهل ناهن، وڪيل چيو ته ان ليٽر  جي بنياد تي درخواستگذارن کي ترقي نه ڏني وئي ۽ سندن جونيئر آفيسر کانئن سينيئر ٿي ويا.درخواستگذارن 2022ع ۾ فاروق نائيڪ ۽ ٻين وڪيلن ذريعي عدالت سان رجوع ڪيو هو، پروموشن لاءِ بورڊ جي ليٽر سبب اسان جو ڪيريئر متاثر ٿيو آهي ان ليٽر مطابق اسان پروموشن لاءِ اهل نه ٿيا سين، سي اي جي خليق چيو ته درخواستگذارن جي پروموشن واري معاملي تي سليڪشن بورڊ جي ايندڙ اجلاس ۾ غور ڪيو ويندو. وڪيل  چيو ته سليڪشن بورڊ جي ليٽر جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن به ڪارروائي جو فائدو نه آهي، عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد بورڊ جي ليٽر کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.عدالت چيو ته بورڊ جي ايندڙ اجلاس ۾ درخواستگذارن جي پروموشن  جو جائزو ورتو وڃي.درخواستگذارن ۾ زعيم اقبال، عبدالحميد ابڙو، مسعود عباس رضوي، خالد سليم ۽ عابد شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.