ڪراچي انٽر بورڊ ۾ يارهين جي امتحانن ۾ 50 سيڪڙو شاگرد ناڪام، احتجاج

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي بورڊ ۾ 11هين ڪلاس جي امتحانن ۾ اڌ شاگرد ناڪام ٿي ويا، جنهن تي شاگردن پاران احتجاج ڪيو پيو وڃي. انٽر بورڊ ڪراچي ۾ پهرين سال جي نتيجن ۾ شاگردن جي اڪثريت  ناڪام، شاگرد ۽ استاد سراپا احتجاج بڻيل آهن، تعليمدان حيران آهن ته آخر ڇا ٿي رهيو آهي؟ گهٽ مارڪون حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪاپين جي ٻيهر چيڪنگ ۽ صحيح مارڪون ڏيڻ لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. سنڌ جي پروفيسرن ۽ ليڪچرارن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته نتيجا حيران ڪندڙ آهن. وقتي چيئرمين انٽر بورڊ ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت معاملي جو ڪو به نوٽيس نه ورتو. ٻئي پاسي بورڊز ۽ يونيورسٽي ڊپارٽمينٽ بدران تعليم کاتي نتيجن بابت 5 رڪني فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا 7 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.