عورتن کي ڪاروبار ۾ خودمختيار بڻائڻ چاهيون ٿا: آمريڪي قونصل جنرل

ڪراچي (رپورٽر) شعور فائونڊيشن، نيشنل انڪيوبيشن سينٽر – ڪوئيٽا ۽ آمريڪي قونصل جنرل ڪراچي جي سهڪار سان ڪوئيٽا ۾ 42 اهڙا ڪاروبار جيڪي عورتون ڪري رهيون آهن  ان ۾ ”عورتن کي بااختيار وارو بنائڻ وارو 16 مهينن جي تربيتي پروگرام مڪمل ٿيڻ کانپوءِ مقامي هوٽل ۾ گريجوئيشن تقريب ٿي، تقريب  کي خطاب ڪندي آمريڪي قونصل جنرل ڪراچي  ڪونراڊ ٽرئبل ڪامياب ٿيل عورتن جي شاندار ڪاميابين ۽ جدوجهد کي ساراهيندي  چيو ته اسان توهان جي ڪاروبار کي وڌائڻ ۾ مدد ڪرڻ چاهيون ٿا اهو هڪ بهترين سيڙپڪاري آهي جيڪو آمريڪا ڪري سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته انٽرپرينيوئرز ۽ ڪاروبار ڪندڙ مالڪن جي مدد ڪرڻ اسان جي اقتصادي رسائي جو هڪ اهم حصو آهي، تربيتي پروگرام نومبر 2022  ۾ شروع ڪندڙ پروگرام جو مقصد عورتن ۾ ڪاروباري صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ، ڪاروبار کي وڌائڻ ۽ ڪاروباري قيادت جي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ  آهي. شعور فائونڊيشن جي سي اي او سيد علي حميد ڪوئيٽا ۽ بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ عورتن جي ڪاروباري صلاحيتن کي اجاگر  ڪندي چيو ته فائونڊيشن جو مقصد باصلاحيت عورتن کي بااختيار بڻائڻ آهي ۽  تربيت وٺندڙن عورتن کي  فائنل پروگرام جي هڪ حصي طور 28 شرڪت ڪندڙن کي  19 ڪاروبار  جنهن جي نمائندگي عورتون  ڪري رهيون آهن جو دورو پڻ ڪرايو ويو آهي،  تقريب جي آخر ۾ آمريڪي قونصل جنرل ڪراچي  ڪونراڊ ٽرئبل تربيتي وٺندڙن عورتن ۾ سرٽيفڪيٽ  ورهايا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.