سائين جي ايم سيد سنڌ خاطر سختيون سٺيون، قومن سان نئون سماجي معاهدو ڪيو وڃي:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) هاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ بار حيدرآباد ۾ وڪيلن پاران جديد سنڌي قومپرستي جي باني مفڪر ۽ ننڍي کنڊ جي وڏي سياسي اڳواڻ سائين  جي ايم سيد جي 120 ھين سالگرھه مالھائي وئي، سالگرھه واري تقريب ۾ ڪوئيٽا بلوچستان مان آيل سينيئر وڪيلن سان گڏ ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر يوسف لغاري، سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، ڪامريڊ حسين بخش ٿيٻو، پورھيت مزاحمت تحريڪ صدر ايڊووڪيٽ مسرور شاھه، حڪيم صديقي، اندرجيت لوھاڻو، مير احمد مڱريو، ايڊووڪيٽ ذوالفقار ٿيٻو، ايڊوڪيٽ محب آزاد، ايڊوڪيٽ فياض تنيو، محمد علي شيخ، ڌڻي بخش سولنگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي قومپرست ۽ ترقي پسند وڪيل اڳواڻن سائين جي ايم سيد کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد تمام وڏو ماڻهو هو، هن لازوال جدوجهد ڪري، تاريخ، فلسفي، مذهب، ادب تي ڪتاب لکي سنڌي قوم کي سجاڳ ڪيو، هو آخري وقت تائين پنهنجي موقف تي اٽل بيٺو رهيو، سائين جي ايم سيد پاڪستان جي بانين ۾ شمار ٿئي ٿو، هن سنڌ اسيمبلي مان پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪرائي، 1940ع واري قرارداد تحت پاڪستان وجود ۾ آيو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ملڪ ۾ شامل سموريون اڪايون خودمختيار هونديون، رياستن جي حيثيت سان هو هن ملڪ جو حصو رهنديون، 1946ع تائين 40ع واري قرارداد تي عمل ڪرڻ جي ڳالهه ٿيندي رهي پر پوءِ سڀ ڪجهه 40ع جي قرارداد جي ابتڙ ٿيو، سائين جي ايم سيد اهو سمجهي ورتو هو ته اقتدار تي غير جمهوري قوتون ۽ قومن جي حقن تي ڌاڙا هڻندڙ قابض ٿي ويا آهن. پاڪستان اندر غير جمهوري قوتن جي حڪمراني پهرين ڏينهن کان جاري آهي, اهو ئي سبب آهي ته اڄ ننڍن صوبن سان زيادتيون ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن هن ملڪ کي درست دڳ تي وٺي وڃڻو آهي ته قومن سان نئون سماجي معاهدو ڪيو وڃي، سائين جي ايم سيد کي سنڌ سان عشق جي ڏوھه ۾ نظر بند ڪيو ويو، تاريخ غواهه آهي ته هن ملڪ جي حق ۾ سنڌ اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪرائي، پر کيس سنڌ جي قومي حقن، جاگرافي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حقن جي ڳالهه ڪرڻ تي کيس قيد ڪري سختيون ڪيون ويون، جي ايم سيد ادارا ساز شخص هو، هنن چيو ته سنڌ ۾ غير قانوني طور تي وڏي تيزي سان زمينن جو وڪرو ڪري بحريا ٽائون جهڙا سنڌ دشمن منصوبا جوڙيا پيا وڃن پيا، سمنڊ، درياھه، ڪارونجهر، جبلن، ٻيٽن، وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.