مانجهند /سن(رپورٽ: بابو عمراڻي+ساگر سولنگي) مانجهند ڀرسان انڊس هاء وي تي ڪار وين ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر، ماءُ پٽ سميت 6 ڄڻا چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مانجهند ڀرسان خاڻوٺ ٿاڻي جي انڊس هاءِ وي تي ڪوريجا موڙ ڪاٽيندي سيوهڻ کان ڄامشورو طرف ويندڙ مسافر وين ۽ ڪوٽڙي کان مانجهند طرف ويندڙ ڪار ۾ آمهون سامهون ٽَڪر ٿيڻ کانپوءِ پُويان ايندڙ ٽرڪ به ڪار سان ٽڪرائجي وئي ٽڪر ۾ ماءُ پٽ سميت 6 ڄڻا فوت ٿي پيا، 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا فوتين ۾ وين سوار ڪوٽڙي واسڻ عورت مقدس نوحاڻي زال رجب نوحاڻي، سندس 3 ورهين جو پٽ محمد سليم نوحاڻي، ٽنڊو ڄام واسي ڪار ڊرائيور رياض پٽ الهبچايو نظاماڻي، لاڙڪاڻو واسي 20 ورهين جو نوجوان لعل بخش لاڙڪ پٽ مولا بخش لاڙڪ، ڊيره اسماعيل خان واسي 34 ورهين جو محمد اسماعيل پٽ غلا محي الدين ۽ هڪ اڻڄاتل شامل آھن، زخمين ۾ مانجهند واسي ريٽائر استاد سيد زين العابدين شاه آمري واسي اڪرم علي ولد اشرف علي شاه ، دادو واسي منير لغاري، نياز حسين ولد اللّه بخش جوڻيجو، اللّه ڏنو ولد محمد صالح ڪوريجو، محمد رشيد ولد محمد شريف عباسي، ظهير علي ولد غلام عباس، محمد علي ولد فتح محمد، نياز ولد رفيق احمد، حياتان زال اسحاق جمالي، ثناء اللّه ولد اسحاق جَمالي حمزه علي ظھير نوحاڻي ٻيا شامل آھن فوتين جي لاشن ۽ زخمين کي هڪ ڪلاڪ جي جدجهد کان پوء گاڏين کي ڪٽڻ بعد ۾َڪڍيو ويو جنهن بعد ايمبولنس نه پهچڻ سبب زخمي تڙپندا رهيا اطلاع تي وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻا پهچي ويا جن زخمين کي ڪڍڻ ۾ مدد ڪري کين لمس اسپتال ڄامشورو ۽ تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو جتي هنگامي حالتن جو اعلان ڪندي موڪل تي ويل عملي کي طلب ڪيو ويو .هوڏانهن ٽن گاڏين جي ٽَڪر سبب انڊس هاءِ وي ڪيتري ئي دير تائين بند ٿي ويو، هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ايڪسيويٽر ذريعي حادثي جو شڪار گاڏين کي رستي تائين هَٽايو ويو جڏھن ته خاڻوٺ پوليس ٽنهي گاڏين کي پنهنجي تَحويل ۾ وَٺي ڇڏيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.