لاهور (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ آزاد اميدوارن ۾ جتي ڪي ماڻهو چونڊ نشانن مان ڪاوڙيل آهن ته ڪي وري ڏاڍو خوش آهن.
پنجاب اسيمبلي جي تڪ هڪ سئو ستر لاهور تان آزاد اميدوار طور ثمينا خاور حيات پاڻ کي خوش نصيب سمجهي ٿي ڇو ته سندس چونڊ نشان انگريزي اکر ايس S جو ئي الاٽ ڪيو ويو آهي.
اهو اکر سندس نالي جو پهريون اکر آهي ۽ اهڙو اتفاق اڳ ڪڏهن ڪنهن اميدوار سان ناهي ٿيو.
ثمينا خاور حيات جو چوڻ آهي ته اهو چونڊ نشان هن لاءِ اليڪشن ۾ خوشقسمتي جو سبب بڻجندو.