پاڪستانين لاءِ پي پال جي سهولت استعمال ڪرڻ جا طريقا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فري لانسرز لاءِ پرڏيهه مان فنڊ پاڪستان منتقل ڪرڻ وڏو مسئلو آهي ڇو جو پي پال جهڙيون عالمي مني ٽرانسفر ڪمپنيون پاڪستان ۾ سروس فراهم ناهن ڪنديون. ان جي باوجود ڪجهه اهڙا جائز طريقا آهن جن جي ذريعي پاڪستاني به پي پال تي بزنس اڪائونٽ بڻائي سگھن ٿا ۽ ان جي سروسز مان فائدو وٺي سگھن ٿا.
پي پال اڪائونٽ بڻائڻ جو سولو طريقو اهو آهي ته اوهان ملائشيا ۾ ”ايس ڊي اين بي ايڇ ڊي (SDN BHD)جيان ڪا قانوني ڪمپني (ايمازون اسٽور وغيرا) رجسٽرڊ ڪرايو ۽ ان جي ذريعي پي پال اڪائونٽ ٺاهيو.
ملائيشيا جو هڪ فائدو اِهو آهي ته پاڪستانين کي ان جي ويزا سولي ملي سگھي ٿي.
آمريڪا ۾ ايل ايل سي کولڻ لاءِ اوهان کي اتي ڪنهن دوست يا آفيس مئنيجر جي ضرورت پوندي جيڪو آمريڪا جي ڪنهن بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولرائي سگھي. جنهن کان پوءِ اوهان ان آمريڪي بئنڪ اڪائونٽ ذريعي جائز پي پال اڪائونٽ بڻائي سگھو ٿا. جيڪي ماڻهو برطانيا ۾ ايل ٽي ڊي ڪمپني يا استونيا جي ري ريزيڊنسي جي چونڊ ڪندا آهن، انهن لاءِ انهن ملڪن ۾ موجود هجڻ لازمي آهي. ان کان پوءِ انهن ملڪن جي ڪنهن به بئنڪ ۾ انهن جو اڪائونٽ کُلي سگھندو.
بنيادي طور تي اوهان وٽ ٻه طريقا آهن. پهريون طريقو اهو آهي ته اوهان پاڻ ان ملڪ جو سفر ڪريو جتي اوهان ڪو ليگل باروبار ظاهر ڪرڻ ۽ ڪاروبار کولڻ چاهيو ٿا. ان طريقي سان ڪيترن ئي پاڪستانين پنهنجو پاڪستاني پاسپورٽ ڏيکاري به ڪاميابي سان بئنڪ اڪائونٽ کولرايو آهي.
ٻيو طريقو اهو آهي ته ان ملڪ ۾ اوهان جو ڪو دوست رهندو هجي جيڪ اوهان جي آفيس سيڪريٽري جي طور تي ڪم ڪري ۽ اوهان جي مرضي تي سمورا پراسيس مڪمل ڪرائي. انهن ٻنهي طريقن سان واهان جو 100 سيڪڙو قانوني پي پال اڪائونٽ کُلندو. پي پال اڪائونٽ کولرائڻ کان پوءِ اوهان پاڪستان ۾ ئي رهندي ورچوئل پرائيويٽ سرور (وي پي ايس) ذريعي ان اڪائونٽ کي استعمال ڪري سگھو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.