ڪنهن به ملڪ پاڪستان ڏانهن نهاريو ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو: آصف زرداري

اسلام آباد (م ڊ)  اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين  آصف علي زرداري ايران جي سخت جوابي ڪارروائي تي ردعمل ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ پاڪستان ڏانهن نهاريو ته ان کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي پر پاڪستان تي حملا ڪرڻ وارا هاڻي پهريان سئو ڀيرا سوچيندا ۽ جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ پاڪستان ڏانهن ڏٺو ته ان کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جي فوج دنيا جي بهترين فوج آهي ۽ اسان جي فوج ملڪ جو دفاع ڪرڻ چڱي ريت ڄاڻي ٿي. هن چيو ته اسان هميشه دنيا ۾ امن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ هميشه دنيا ۾ امن برقرار رکڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي جڏهن ته اسان پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا پر رڳو برابري جي بنياد تي. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪ ايران ڇڪتاڻ بابت چيو آهي ته پاڪستان دفاع جو حق استعمال ڪيو، اميد آهي ته پاڪستان ۽ ايران سفارتي لاڳاپن ذريعي مسئلو حل ڪندا. خانگي ٽي وي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته پاڪستان دفاعي حق جو صحيح استعمال ڪيو آهي، ڊيووس ۾ وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ايراني پرڏيهي وزير وچ ۾ ملاقات ۾ به ڪو اعتراض نه ڪيو ويو. پنهنجي پرڏيهي وزارت جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ايران سان اسان گذريل 18 مهينن ۾ جيڪي لاڳاپا قائم ڪيا آهن اهي بي مثال آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته ٻئي ڀائر ملڪ آهن، بهتر هجي ها ته اهڙو واقعو نه ٿئي ها، هن چيو ته انتهائي افسوس جوڳو آهي، پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.